انور پرديسي

انور پرديسي

انور پرديسي

انور پرديسي: شاعر، محقق ۽ تعليمدان انور پرديسيءَ جو اصل نالو داد محمد ولد ممتاز حسين ڪٽوهڙ آهي. هن خيرپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ پنواڙيءَ ۾28 سيپٽمبر 1973ع تي جنم ورتو. شروعاتي تعليم مقامي اسڪولن مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ انٽر سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان 1991ع ۾ پاس ڪيائين. 4 سالن تائين فوج ۾نوڪري ڪرڻ کان پوءِ 1998ع ۾ ڊگري ڪاليج خيرپور مان بي اي جو امتحان پاس ڪري سول اسپتال خيرپور ۾ ٽيڪنيشن مقرر ٿيو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2003ع ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي. 2006ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر مقرر ٿيو. سندس پھرين مقرري گورنمينٽ آرٽس اينڊ سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ٿي، جتان 2007ع ۾ گورنمينٽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور بدلي ٿي. جنوري 2021ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪوٽڏيجي ايٽ سرائي پيارو خان ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 2016ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، پروفيسر ڊاڪٽر ادل سومري جي نگرانيءَ هيٺ ”حضرت سچل سرمست جي سنڌي شاعريءَ ۾ علامت نگاري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو“ جي موضوع تي پھرين ايم فل ڪئي ۽ پوءِ ساڳي يونيورسٽيءَ مان پروفيسر مھر خادم جي نگراني ۾ ”تنوير عباسي جي شاعريءَ ۾ موجود فڪري لاڙن جو تنقيدي اڀياس“ جي موضوع تي پي ايڇ. ڊي ڪئي. هي سنڌي ادبي سنگت سميت ڪيترين ئي تنظيمن سان لاڳاپيل آهي. هن ڪيترائي مضمون ۽ تحقيقي مقالا پڻ لکيا آهن. سندس ڪتاب ”دل جي آڳر تي“ (شاعري: 2012ع) ۽ ”جوڳي کنيو جس واري دؤر ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن پڻ رهيو. سندس مضمون ۽ تحقيقي مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. “ (ترتيب: 2019ع) ڇپيل آهن. سندس مرتب ڪيل ڪتاب کي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ پاران اوارڊ سان نوازيو ويو. شاگردي واري دؤر ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن پڻ رهيو. سندس مضمون ۽ تحقيقي مقالا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.09.28  عيسوي

شاعر، محقق ۽ تعليمدان انور پرديسيءَ جو اصل نالو داد محمد ولد ممتاز حسين ڪٽوهڙ آهي. هن خيرپور ضلعي جي هڪ ڳوٺ پنواڙيءَ ۾28 سيپٽمبر 1973ع تي جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٺٽوي غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي
اويڙ پلي
ميرغلام رسول ٽالپرغريب
زين العابدين شاهه زينل پير
ستار پيرزادو
سوامي بسنت رام
سميع بلوچ
تنوير عباسي ڊاڪٽر
سانوڻ سنڌي
شيراني اختر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون